اسلام آباد- 22 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عيدالفطر جي نماز وفاقي گا??ي واري شهر اسلام آباد جي فيصل مسجد ۾ ادا ڪئي. ان مو??عي تي اسلام آباد ۾ ڪيترن ئي اسلامي ملڪن جي سفيرن، سي??سي اڳواڻن، اعليٰ سرڪاري عملدارن ۽ اڳواڻن سميت هزارين ماڻهن پڻ صدر مملڪت سان گڏ فيصل مسجد ۾ عيد نماز ادا ڪئي. صدر مملڪت عيد نماز جي ادائيگي کانپوءِ ماڻهن سان رلي ملي ويو. سڄي ملڪ ۾ عيدالفطر مذهبي عقيدت ۽ احترام ۽ روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهائي پئي وڃي. ان مو??عي تي اسلام آباد جي فيصل مسجد، ملڪ جي ٻين مسجدن ۽ عيدگاهن ۾ ٿيل عيد نماز ج?? اجتماعن ۾ ملڪ جي سلامتي، ترقي، خوشحالي ۽ ڀارت جي غير قانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۽ فلسطين جي آزادي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون.