اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هائوس اچڻ تي وزيراعظم شهباز شريف ٻنهي اڳواڻن جو استقبال ڪيو. ملاقات ?? موجوده ملڪي سياسي صورتحال ?? پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن بابت سپريم ڪورٽ جي تازي فيصلي تي پڻ تفصيلي مشاورت ڪئي وئي.