اسلام آباد – 07 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستاني قوم، سيڪيورٽي فورسز ۽ فوج دهشتگردي جو جهڙي طرح مقابلو دنيا ۾ ان جو ڪٿي به مثال نه ٿو ملي، حڪومت، فوج ۽ عوام گڏجي ٻيهر دهشتگردي جو مقابلو ڪندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن لي??ي ريڊنگ اسپتال پشاور ۾ پوليس لائينز ڌماڪي جي زخمين جي ??يا??ت جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڌماڪي جي زخمين جي احوال بابت طبي عملي ۽ انتظاميا سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن زخمين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي انهن جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي. هن ڌماڪي ?? بچي ويندڙ واحد عورت زخمي جي به ??يا??ت ڪئي ۽ واقعي ۾ عورت جي خاندان جي ماڻهن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو. صدر زخمين ??ي ملندڙ طبي امداد تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پوليس ڌماڪو هڪ تڪليف ڏيندڙ ۽ ڪڌو واقعو هو. هن چيو ته دهشتگردي جو ملڪ ۾ مڪمل خاتمو آڻينداسين ۽ حڪومت، فوج ۽ عوام گڏجي ٻيهر دهشتگردي جو مقابلو ڪندا. هن جو چوڻ هو ته منهنجي اچڻ ۾ دير جو سبب امدادي سرگرمين ۾ خلل جو سبب نه بڻجڻ آهي. ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ شهيدن جي گهرڀاتين سان گڏ آهيون ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيان. صدر چيو ته حڪومت، انتظاميا ۽ لي??ي ريڊنگ اسپتال پاران زخمين کي بهترين طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي، جن ماڻهن ڌماڪي ?? پنهنجي پيارن کي وڃايو انهن جي نقصان جو ازالو نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته حڪومت پاران شهيدن جي پونئيرن ۽ زخمين جي لاءِ امداد خوش آئنده آهي.