اسلام آباد– 30 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پوليس لائين پشاور جي مسجد ۾ خودڪش ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته شهرين جو ناحق رت وهائيندڙن کي عبرت جو نشان بڻائينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ آڏو سجدو ڪندڙ مسلمانن جو بي رحماڻو قتل قرآن جي تعليم جي منافي آهي، الله جي گهر کي نشانو بڻائڻ ان ڳالهه ج?? ثبوت آهي ته حملي آورن جو اسلام سان ڪو تعلق نه آهي، ده??تگرد پاڪستان جي دفاع جو فرض نڀائيندڙن کي نشانو بڻائي خوف پيدا ڪرڻ چاهين ٿا. پاڪستان جي خلاف جنگ ڪندڙن کي هستي تان مٽائي ڇڏينداسين. وزيراعظم چيو ته شهرين جو ناحق رت وهائيندڙن کي عبرت جو نشان بڻائينداسين. ده??تگردي جي خاتم?? لاءِ سڄي قوم ۽ ادارا متحد آهن، سڄي قوم پنهنجي شهيدن کي عق??دت جو سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي ٺوس حڪمت عملي اختيار ڪنداسين. وفاق صوبن جي ده??تگردي جي خاتمي جي صلاحيت وڌائڻ ۾ تعاون ڪندو. وزيراعظم وفاقي گهرو وزير کي هدايت ڪئي ته صوبن خاص طور تي خيبرپختونخواهه ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ جي صلاحيت ۾ مدد فراهم ڪري. وزيراعظم شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين ج?? لاءِ صبر ۽ زخمين جي جلد صحتياب?? لاءِ دعا ڪئي.