اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جا وڏا ذخيرا موجود آهن، ملڪ ۾ ڪنهن کي ڪڻڪ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري ناجائز منافعي خوري جي اجازت نه ڏينداسين، صوبا پنهنجي ۽ پاسڪو جي ذخيرن مان ڪڻڪ جي فلور ملز تائين وقت سر پهچ يقيني بڻائين ۽ ڪڻڪ ۽ ??ٽي جي وقت سر پهچ جي لاءِ پنهنجي گورننس بهتر ڪن، گذريل 5 ڏينهن ۾ حڪومت جي قدمن جي ڪري ??ٽي جي 40 ڪلو جي ٿيلهي جي قيمت ۾ اٽڪل 1000 رپين جي گهٽتائي ٿي جيڪا خوش آئنده آهي، لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي ادارا ??ٽي ۽ ڪڻڪ جي ذخيره اندوزن جي خلاف سخت قدم کڻن، حڪومت غريب عوام جي لاءِ ??ٽي جي مصنوعي کوٽ سان مهانگائي پيدا ڪندڙن کي سزا ڏني ويندي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران پريس رليز موجب ??زي??اعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ ??ٽي جي مصنوعي کوٽ ۽ ذخيره اندوزن ۽ ناجائز منافعي خوري جي حوالي سان اعليٰ سطح جو هنگامي اجلاس ٿ??و. اجلاس ۾ ??زي??اعظم ملڪ ۾ ڪڻڪ جي موجوده ذخيرن جو جائزو ورتو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جا وڏا ذخيرا موجود آهن ۽ صوبن کي هدايت ڪئي پئي وڃي ته پاسڪو جي ذخيرن مان فلور ملز تائين ڪڻڪ جي پهچ وڌيڪ تيز ڪئي وڃي. وڌيڪ ا??و ته 1.3 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ درآمدي ڪڻڪ جو اسٽاڪ پڻ ملڪ ۾ پهچي ويو آهي جڏهن ته جنوري جي پڄاڻي تائين وڌيڪ ا??ترو ئي اسٽاڪ پهچي ويندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال سيزن جي پڄاڻي تي ڪڻڪ جا ڪي??ي فارورڊ اسٽاڪ 1.4 ملين ميٽرڪ ٽن هوندا جيڪي نئين سيزن شروع ٿيڻ کان اڳ ملڪي غذائي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڪافي آهن. ??زي??اعظم ڪڻڪ جي موجوده ذخيرن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ صوبن کي هدايت ڪئي ته ڪڻڪ ۽ ??ٽي جي پهچ جي حوالي سان پنهنجي گورننس بهتر ڪن. اجلاس ۾ غذائي تحفظ واري وفاقي ??زي?? طارق بشير چيما، ??زي??اعظم جي صلاحڪار احد چيما، لاڳاپيل وفاقي اعليٰ عملدارن ۽ صوبائي چيف سيڪريٽرين شرڪت ڪئي.