اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چ??و آهي ته سڄي ملڪ جا مدرسا اسلامي تعليم جي فروغ جو اهم ذريعو آهن، حڪومت جي خواهش آهي ته ان ??يڪ سماجي خدمت ۾ مدرسن جو هٿ ونڊايون، مدرسا پاڪستاني ۽ اسلامي اين جي اوز جو وڏو نيٽ ورڪ آهن، مدرسن جي تعليمي ۽ سماجي خدمتن ۾ عالم سڳورن جي مشاورت سان ??ر ممڪن تعاون ڪنداسين، مفتي اعظم پاڪستان رفيع عثماني مرحوم جي دين اسلام جي لاءِ خدمتن جي اسلامي دنيا متعرف آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اتحاد تنظيمات مدرسا جي وفد ??ان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي صدر مولانا فضل الرحمان، مولانا مفتي محمد تقي عثماني، مولانا محمد حنيف جالنڌري، مولانا مفتي منيب الرحمان، صاحبزاده عبدالمصطفيٰ هزاروي، سينيٽر پروفيسر ساجد مير، مولانا عبدالمالڪ، مولانا افضل حيدري، مولانا عبدالڪبير آزاد ۽ مولانا فضل رحيم اشرفي کانسواءِ ٻين اهم عالم سڳورن ??ان گڏوگڏ وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، مريم اورنگزيب، راڻا ثناءُ الله خان، مفتي عبدالشڪور، خاص معاون سيد فهد حسين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي مدرسن کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم مدرسن جي منتظمين کي يقين ڏياريو ته حڪومت انهن مدرسن جي انتظام جي حوالي ??ان انهن کي وڌ کان ??ڌ خودمختياري ڏيڻ ??ان گڏوگڏ نه رڳو انهن جي رجسٽريشن جي طريقيڪار کي وڌيڪ آسان ??ر انهن مدرسن ۾ جديد دور جي گهرجن موجب تعليم جي فر??هم?? ۾ هر قسم جي مدد فراهم ڪندي. وزيراعظم ان ??وقعي تي چيو ته سندس لاءِ اهم عالم سڳورن جي وفد سان ??لاقات خوشي جوڳي ۽ عزت جوڳي آهي. وزيراعظم چيو ته توهان سمورن عالم سڳورن جي ملڪ ۾ ديني شعبي جي تعليم ۽ تدريس جي لاءِ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. ديني مدرسن ۾ ملڪ جي 40 کان 50 لک شاگرد مفت ديني تعليم مان ??يضاب ٿي رهيا آهن جن ۾ حفظ قرآن پاڪ پڻ ڪرايو وڃي ٿو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته مدرسن سدائين پاڪستان جي مفادن جو تحفظ ڪيو آهي.