اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪ بحريه مجموعي ??يڪيورٽي ۽ سامونڊي سلامتي جي چئلينج کي منهن ڏ??ڻ ۽ پاڪستان جي سامونڊي حدن جي تحفظ جي لاءِ نمايان ڪردار ادا ڪري ره?? آهي، پاڪ بحريه موسمياتي تبديلي جي ڪري تازي شديد ٻوڏ دوران ٻوڏ متاثري?? کي علاج ۽ پهچ جي فراهمي ۾ ريليف جي لاءِ شاندار ڪردار ادا ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان نيوي وار ڪاليج لاهور ۾ پنجين ميري ٽائيم سيڪيورٽي ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته هو پاڪ بحريه کي ان ڪامياب ورڪشاپ منعقد ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪري ٿو، پاڪستان نيوي ملڪ جو دفاعي ??دارو آهي ۽ جديد دور ۾ ان جي اهميت انتهائي اهم آهي، ساموندي جارحيت کي روڪڻ جي لاءِ هر ملڪ جي سامونڊي فوج نمايان ڪردار ادا ڪري ٿي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان نيوي تازي ٻوڏ ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ان پاران خاص طور تي سنڌ ۾ هنيل ڪئمپس ۾ 25 هزار خاندان?? کي ريسڪيو ڪيو ويو ۽ 90 هزار کان وڌيڪ ماڻه?? کي علاج جون سهولتون ڏ??يون ويون. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته انساني حقن تي درس ڏيندڙ ملڪ سامونڊي ٻيڙن ۾ سوار افرادي قوت کي پنهنجي ملڪن ۾ روڪڻ جي لاءِ سمنڊ ۾ غرق ڪري ڇڏين ٿا جڏهن ته پاڪستان 40 لک کان وڌيڪ افغان پناهگير?? کي پناهه ڏني. صدر چيو ته پاڪستا?? کي گذريل سالن کان سيڪيورٽي جا مسئلا درپيش ره??ا آهن ۽ اسان جي سيڪيورٽي ادارن جو ڌيان ڀارت ۽ افغانستان جي سرحد مرڪوز ره??و آهي، اهو سيڪيورٽي جو مسئلو پاڪستان قائم ٿيڻ کان ئي شروع ٿي ويو هو ڇو ته ڪشمير جي مسئلي کي جڏهن گڏيل قومن ۾ آندو ويو ته ان وقت پاڪستان ڀارت ۽ گڏيل قومون ٽئي ڪجهه عرصو اڳ وجود ۾ آيا هئا ۽ اسا?? کي ڪشمير مسئلي تي اعتماد ۾ ورتو ويو جنهن تي عملدرآمد اڄ تائين ناهي ٿيو. هن چيو ته هن وقت دنيا ۾ نوان اتحاد وجود ۾ اچي ره??ا آهن جنهن جي لاءِ اسا?? کي چوڪس رهڻو پوندو ۽ اسان جي پاليسي ساز?? کي وقت سر اهي فيصلا ڪرڻا پوندا جيڪي ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ هجن. هن وڌيڪ چيو ته ڪمزور پاليسين جي ڪري ملڪ ترقي جي راهه تي اهڙي طرح گامزن نه ٿي سگهيو جنهن جي اسان اميد ڪندا هئاسين، اسا?? کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ تعليم جي شعبن تي خاص ڌيان ڏ??ڻو پوندو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته هن وقت دنيا تيزي سان اڳتي وڌي ره?? آهي تنهن ڪري اسا?? کي سخت محنت کي پنهنجو شعار بڻائڻ گهرجي. هن چيو ته روس ۽ يوڪرائن جي ڇڪتاڻ سان اسرندڙ ملڪ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي ره??ا آهن، اسان وٽ پاليسين جو تسلسل ۽ موثر عملدرآمد جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ويٽنام جي 90ع جي ڏهاڪي ۾ مڇيءَ جي برآمد 400 ملين ڊالر هئي جڏهن ته اڄ ويٽنام 10 ارب ڊالر ۽ پاڪستان ساڍا 5 سئو ملين ڊالر جي برآمد ڪري ره??و آهي جنه?? کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسا?? کي اڳتي وڌڻ جي لاءِ نيون راهون ڳولڻ ۽ پنهنجي نوجوانن جي ترقي تي خاص ڌيان ڏ??ڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته نئين آبادياتي دور ۾ بحريه کي علائقي ۾ ڏاڍ قائم ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو ره??و ۽ سامونڊي حدون رکندڙ ملڪ?? کي تمام گهڻي دٻاءُ ۾ رکيو ويو، پاڪستان پنهنجي مضبوط آرمي ۽ سامونڊي فوج جي ڪري دنيا جي سامهون باوقار انداز ۾ بيٺل آهي. ان کان اڳ آجياڻي خطاب دوران ڪمانڊنٽ پاڪستان نيوي وار ڪاليج ريئر ايڊمرل جاويد اقبال بليو اڪانومي کي فروغ ڏيڻ ۾ ميري ٽائيم سينٽر آف ايڪسي لينس (پي اين وار ڪاليج ۾ ٿنڪ ٽينڪ) جي ڪردار تي روشني وڌي. هن سال ميري ٽائيم سيڪيورٽي ورڪشاپ جو موضوع محفوظ سمنڊ خوشحال پاڪستان هو. ورڪشاپ ٻن مرحلن ۾ منعقد ڪيو ويو. پهرين مرحلي ۾ هندي سمنڊ جي خطي م سيڪيورٽي جي چرپر، پاڪستان جي ساموندي شعبي ۾ چئلينجز ۽ موقعا، بليو اڪانومي ۽ پاڪستان جي معاشي خوشحال ۾ ان جي تعاون، سي پيڪ جي اندر گوادر پورٽ جي ترقي بابت علمي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ٻئي مرحلي دوران ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙ نيول هيڊڪوارٽر اسلام آباد، ڪراچي ۾ پاڪستان نيوي جي مختلف ٺڪاڻن، سامونڊي ۽ ڪريڪس ايريا جو دورو ڪيو. شرڪت ڪندڙن سامونڊي سفر جي لاءِ پي اين شپ تي سوار ٿي سمنڊ ۾ مختلف سامونڊي مشقن ۽ طريقيڪار جو مشاهدو ڪيو. ميري ٽائيم تنظيمن سان واقفيت جي ٻين دورن ۾ ڪراچي شپ يارڊ اينڊ انجنيئرنگ ورڪس، پاڪستان ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي، ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۽ پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن کانسواءِ گوادر پورٽ ۽ جناح نيول بيس ۽ ماڙه فيلڊ جو دورو شامل هو. صدر ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ پڻ ورهايا.