اسلام آباد– 17 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عالمي ل??ڳاپن ۾ تباهي آڻيندڙ فلسفن ۽ نظرين کي مڪمل امن جي فلسفي سان تبديل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ??المي نظام کي قانونن، اخلاقيات ۽ قدرن تي ٻڌل هجڻ گهرجي ته ??يئن دنيا کي سڀني جي ل??ءِ هڪ بهتر جڳهه بڻائي سگهجي، گلوبل وارمنگ ۽ گرين هائوس گئسن جو اخراج ڪيترن ئي ڪمزور ملڪن کي خطري ۾ وجهي مختلف خطن ۾ ماڻهن جي زندگين ۽ روزگار تي منفي اثر وجهي ره??و آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”مارگلا ڊائيلاگ“ جي خصوصي سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن جو اهتمام اسلام آباد پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ ڪيو هو. سيشن ۾ سفارتڪارن، غيرملڪي شخصيتن، تعليمي ماهرن ۽ دانشورن شرڪت ڪئي. هن چيو ته گڏيل طور تي يقيني تباهي، هيومن وار فيئر ۽ سرد جنگ جي ذهنيت جهڙن نظرين کي ختم ڪري ان جي جاءِ تي ڪامل امن جي فلسفي کي آڻڻ گهرجي ته ??يئن جنگ کي مڪمل طور تي ختم ڪيو وڃي. صدر چيو ته ??باهي آڻيندڙ فلسفن ۽ نظرين کي مڪمل امن جي فلسفي سان تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي جتي جنگ جو سهارو وٺڻ جو ڪو آپشن نه هجي. هن چيو ته ??هو تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن سمورين قومن، ملڪن ۽ اتي ره??دڙ ماڻهن سان بنا ڪنهن رنگ ۽ نسل ۽ زبان جي فرق کانسواءِ انهن سان عزت، وقار ۽ احترام جو سلوڪ ڪيو وڃي. هن چيو ته ويٽو پاور جي صورت ۾ ڪجهه قومن کي ترجيحي حيثيت ڏيڻ جي اصول جي نئين ورلڊ آرڊر ۾ ڪا جڳهه نه هجڻ گهرجي جي??ا تجربي جي بنياد تي گهٽ طاقت ۽ قومن کي بدحالي ۽ جنگ جي غلط استعمال جي صلاحيت رکندي هجي. صدر چيو ته ??المي طاقتون گڏيل يقيني تباهي، جنگ ۽ سرد جنگ جي فلسفي تي عمل پيرا آهن جي هر قوم قيمتي وسيلا لڳائي پوري دنيا کي تباهه ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ مهلڪ ۽ خطرناڪ هٿيار تيار ڪري ره?? آهي. هن چيو ته ??پر پاورز مهلڪ ۽ طاقتور هٿيارن جي نظام ٺاهڻ تي کربين ڊالر خرچ ڪيا، ان وڏي رقم جو هڪ حصو به موسمياتي تبديلين ۽ گلوبل وارمنگ جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ دنيا مان بک ۽ بدحالي کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگهيو پئي. صدر چيو ته ??نيا جنگ جي هڪ ٻئي مرحلي ۾د اخل ٿي ره?? آهي جي??ا ان کان به وڌيڪ تباهي آڻيندڙ، مُوذي ۽ خطرناڪ آهي، سائبر وار فيئر جون صلاحيتون انتهائي تيز رفتاري سان تيار ڪيون پيون وڃن ۽ ان کي ڪنهن به جي مواصلاتي نيٽ ورڪ کي بي اثر ڪرڻ، ان جي دفاعي نظام کي غيرفعال بڻائڻ، صحت سميت ٻين خدمتن جي فراهمي ۾ خلل وجهڻ جي ل??ءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو جي??و ان کي مڪمل طور تي مفلوج ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ??ائبر وار فيئر جي تمام گهڻي طاقت کي هوشياري سان انسانيت جي تباهي جي ل??ءِ نه پر پوري انسانيت جي ترقي ۽ خوشحالي جي ل??ءِ استعمال ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته موجوده دور ۾ سوشل ميڊيا تان ”فيڪ نيوز“ پکڙجي ره?? آهي جنهن جي نتيجي ۾ تشدد سان گڏوگڏ ملڪن ۽ معاشرن ۾ غلط فهميون پيدا ٿي ره??ون آهن جنهن جو مقابلو پاڻ سکڻ ۽ تعليم جي ذريعي ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته قومن جي داخلي نظام جو بنياد جمهوري قدرن تي هجڻ گهرجي، ڳالهين، مشاورت ۽ غور فڪر ۽ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۽ اڳتي وڌڻ جو رستو طئي ڪرڻ جي ل??ءِ لاڳاپيل ڌرين کي شامل ڪرڻ گهرجي جڏهن ته قومن جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا تڪرارن ۽ اختلافن کي منصفاڻي ۽ شفاف طريقي سان حل ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته موجوده عالمي نظام کي درپيش وڏن مسئلن ۾ گلوبل وارمنگ ۽ گرين هائوس گئسن جو اخراج شامل آهي جي??ي ڪيترن ئي ڪمزور ملڪن کي خطري ۾ وجهي ره??ا آهن ۽ مختلف خطن ۾ ماڻهن جي زندگين ۽ روزگار تي منفي اثر وجهي ره??ا آهن. هن چيو ته ??رقي يافته ملڪن کي موسمياتي تبديلين سان ٿيندڙ نقصان کي پورو ڪرڻ ۽ گرين هائوس گئسن جي اخراج کي روڪڻ جي ل??ءِ پنهنجي وسيلن کي گڏ ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ٽيڪنالاجي انهن ملڪن ۾ منتقل ڪرڻ گهرجي جتي ان جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي، هالينڊ جي??و پاڪستان کان 19 ڀيرا ننڍو ملڪ آهي پر هو خوراڪ برآمد ڪندڙ دنيا جي سرفهرست ملڪن ۾ شامل آهي. هن چيو ته وڌيڪ پيداوار واري خوراڪ جي مصنوعات، سوڪهڙي کان بچندڙ فصل، پاڻي جي تحفظ، عمودي پوکيءَ ۽ اهڙي قسم جي ٻين جديد طريقن ۾ استعمال ڪئي ويندڙ ٽيڪنالاجي غريب ۽ اسرندڙ ملڪن سان پڻ شيئر ڪرڻ گهرجي ته ??يئن انهن کي بک، خوراڪ جي کوٽ، اسٽنٽنگ ۽ غذائي عدم تحفظ جو مقابلو ڪرڻ جي قابل بڻائي سگهجي. ان کان اڳ اسلام آباد پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي صدر سفير ڊاڪٽر رضا محمد صدر جي آجيان ڪئي ۽ شرڪت ڪندڙن کي قومي سلامتي، جيو اسٽريٽجي ۽ عالمي ل??ڳاپن بابت مختلف موضوعن تي ٿيندڙ بحث کان آگاهه ڪيو.