مصر – 09 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلا??ل ڀٽو زرداري ۽ فر??نس جي پرڏيهي وزير ڪيٿرين ڪولونا جي وچ ۾ مصر ۾ ملاقات ٿي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت گڏيل لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر پڻ ان موقعي تي موجود هئي. پرڏيهي وزير بلا??ل ڀٽو زرداري فر??نس پاران پاڪستان جي ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي مدد تي پرڏيهي وزير ڪيٿرين ڪولونا جا ٿورا مڃيا. پاڪستان ۽ فر??نس جي پرڏيهي وزيرن موس??يا??ي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ گڏجي هلڻ تي اتفاق ڪيو. بلا??ل ڀٽو زرداري فر??نس جي صدر ايمانوئيل ميڪرون جي موس??يا??ي تبديلين سان مقابلي جي لاءِ قدمن کي پڻ ساراهيو. ان موقعي تي فرانسيسي پرڏيهي وزير موس??يا??ي تبديلين سان مقابلي جي لاءِ پاڪستان جي عالمي امداد جي حوالي سان مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي.