اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان اعتراف ڪري ورتو آهي ته هو ملڪ ۾ مارشل لاء لڳرائڻ چا??ي ٿو، هو کلي عام پاڪ فوج کي حڪومت ختم ڪرڻ ۽ سياست ۾ مداخلت جي دعوت ڏئي رهيو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي بيان تي ردعمل ۾ هن چيو ته هڪ طرف ادب، ٻئي طرف گار، دماغ جي خرابي ۽ فرسٽريشن آهي، ٻه هزار ماڻهو 22 ڪروڙ عوام ناهن هوندا. هن چيو ته عمران خان اعتراف ڪري ورتو آهي ته هو ملڪ ۾ بلڊ شيڊ سان انقلاب آڻڻ چا??ي ٿو. هن سوال ڪيو ته بندوق سان انقلاب آڻڻ جو ماسٽر مائنڊ ڪنهن کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فارن فنڊيڊ فتني ۽ توشه خانه چور جي مقدر ۾ ذلت ۽ رسوائي لکجي چڪي آهي. هن چيو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ چيو هو ته اسان غيرضرور?? سچ نه ٿا ڳالهائڻ چا??يون، ذلت هاڻي رڳو فارن فنڊيڊ فتني جي ٿيندي جنهن آرمي چيف کي پ??هنجو اقتدار بچائڻ جي لاءِ تاحيات توسيع ڏيڻ جي آڇ ڪئي. هن چيو ته ڪنهن جي چوڻ تي فارن فنڊيڊ فتني پ??ري پاڪستان کي چور بڻائي ڇڏيو؟ هن چيو ته فارن فنڊيڊ فتنو تمام گهڻو بزدل شخص آهي جيڪو رڳو ڀڀڪيون هڻي رهيو آهي. آهي.