اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ هنگري جي وچ ۾ ٻطرفي واپ??ر جي ڪاٿي کي 50 ملين ڊالر جي موجوده سطح کان وڌائي 150 ملين ڊالر تائين وٺي وڃڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي مڪمل امڪانن کي استعمال ۾ آڻي سگهجي. ايوان ??در جي پريس ونگ پاران ??اري بيان موجب صدر اها ڳالهه هنگري ۾ پاڪستان ??ي نامزد سفير آصف حسين ميمڻ سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان ??در ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن هنگري ۽ پاڪستان ??ي نجي شعبن جي وچ ۾ زراعت، عمودي آبادگاري، روبوٽڪس، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ??اٽ?? مئنيجمينٽ، فلڊ ??اٽ?? مئنيجمينٽ، فصل جي انشورنس ۽ اعليٰ پيداوار رکندڙ ٻجن جي تياري سميت مختلف شعبن ۾ ممڪن گڏيل منصوبن جي لاءِ رابطا پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏ??ندي چيو ته هنگري سان ??عاون جا وسيع امڪان موجود آهن. صدر چيو ته هنگري پاران پاڪستاني شاگردن کي ڏني ويندڙ وظيفن جي مڪمل استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي، هنگري پاران مستقبل ۾ پاڪستاني شاگردن جي لاءِ 200 اسڪالرشپس جي ايوارڊ کي وڌائي 400 ڪرڻ جو امڪان ??هي، جنهن مان فائدو کڻڻ گهرجي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته هنگري ۾ تعليم يافته ۽ تربيت يافته پاڪستاني انساني وسيلن کي واپس پاڪستان ??رف راغب ڪرڻ جي لاءِ هڪ طريقيڪ??ر جوڙڻ گهرجي. صدر پاڪستان ??ي جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي لاءِ هنگري جي حڪومت جي حمايت کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته نامزد سفير پاڪستان ??ي حقيقي تشخص، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف پاڪستاني قوم جي قربانين سان گڏوگڏ ڀارت ۾ اقليتن جي خلاف ٿيندڙ امتيازي سلوڪ، ڌمڪين ۽ تشدد کي پڻ اجاگر ڪري. صدر چيو ته هندوتوا جي فلسفي ۽ ڀارت ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي ڇو ته ان ??ان مسلمانن جي جان ۽ مال خطري ۾ آهن.