اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حقيقت کان هٽي ڪر?? بيانن کي پيش ڪرڻ اڳ کان ئي ورڇ ٿيل ماحول ۾ وڌيڪ خال جو سبب بڻجي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ??يان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميڊيا ۾ شايع/ نشر ٿيندڙ انهن خبرن جو سخت نوٽيس ورتو آهي جن ۾ سومر ڏينهن ”آج“ ٽي وي جي اينڪر عاصمه شيرازي سان انٽرويو دوران ”سائفر“ جي حوالي سان صدر جي بيان کي مڪمل طور تي حقيقت کان هٽي ڪر?? پيش ڪيو ويو. پنهنجي انٽرويو ۾ صدر واضح طور تي چيو هو ته کيس سازش بابت شڪ آهي ‘suspicion’ آهي جڏهن ته ان جو حتمي فيصلو مڪمل جاچ کانپوءِ ئي ڪر?? سگهجي ٿو. هن چيو ته چيف ج??ٽس آف پاڪستان کي خط لکڻ کان وٺي هيستائين ان جي موقف ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي ۽ ان خط ۾ هن سپريم ڪورٽ کي معاملي جي مڪمل انڪوائري ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي ڇو ته کيس پڪو يقين آهي ته ان معاملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي. صدر ان معاملي کي سپريم ڪورٽ ۾ ان لاءِ نه موڪليو هو ته کيس سازش بابت ڪو شڪ نه هو، پر ان لاءِ ته اهو معاملو ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم پاران اٿاريو ويو هو، تنهن ڪر?? سمورن دستياب واقعاتي ثبوتن سميت پوري معاملي جي غيرجانبداراڻي جاچ ضروري ??هي. هن چيو ته اسان ان حقيقت کي نظرانداز نه ٿا ڪر?? سگهون ته سائفر جا قومي سطح تي اثر پيا ۽ ان جي ڪر?? سياسي هلچل پيدا ٿي. ان لاءِ هن سپريم ڪورٽ کي پاڪستان حڪومت پاران جاري ڪيل ڊيمارش کان هٽي ڪر?? به غيرجانبداراڻي انڪوائري ??ي درخواست ڪئي. اها بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته صدر جي لفظن کي هڪ انتهائي سنجيده معاملي تي ٽوڙي ??روڙي ??يش ڪيو ويو جنهن سان سنگين اثر پيا. صدر پارليامينٽ ۾ ۽ ان کانسواءِ به ڪيترائي ڀيرا ”حقيقت کان هٽي ڪر??“ تصويرڪشي جي اثر بابت ڳالهه ڪر?? چڪو آهي ۽ حقيقتن کان هٽي ڪر?? پيش ڪيل بيان اڳ کان ئي ورڇ ٿيل ماحول ۾ وڌيڪ خال پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجن ٿا.