??سل??م آباد-30 سيپٽمبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ٻوڏ متاثر کي ر??يف فراهم ڪرڻ لاءِ سخت محنت ڪئي آهي ۽ وفاقي حڪومت فلڊ ر??يف ڪيش اسسٽنس جي شڪل ?? وقت سر قدم کنيا آهن. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت ٻوڏ متاثر 2316453 ڪٽنبن ۾ 57 ارب رپين کان وڌيڪ رقم ورهائي چڪي آهي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ متاثر خاندانن ۾ 25 هزار رپيا في خاندان مالي امداد ورهائڻ لاءِ سخت محنت ڪري رهي آهي. وفاقي حڪومت متاثرن کي مالي امداد جي فراهميءَ لاءِ فلڊ ر??يف ڪيش اسسٽنس جي شڪل ?? وقت سر قدم کنيا آهن جڏهن ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ قائم خاص ادائگي ڪيمپ مرڪزن مان پڻ ڪٽنبن کي روڪ رقم جي آسان ۽ شفاف فراهمي کي يقيني بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. سنڌ، بلوچستان، ڪي پي ڪي، ڏکڻ پنجاب ۽ گلگت بلتستان ۾ فلڊ ر??يف ڪيش اسسٽنس تحت هاڻ تائين مجموعي طور تي 2316453 ٻوڏ متاثر خنادانن ۾ 57,911,325,000 رپيا ورهايا ويا آهن. بلوچستان ۾ ٻوڏ متاثر 172910 خاندانن کي 4,322,750,000 رپيا، سنڌ ۾ 1613673 خاندانن کي 40,341,825,000 رپيا، ڪي پي ڪي ۾ 257496 خاندانن کي 6,437,400,000 رپيا، پنجاب ۾ 271994 خاندانن کي 6,799,850,000 رپيا، جڏهن ته گلگت بلتستان ۾ ٻوڏ متاثر 380 متاثر خاندانن ۾ 9,500,000 رپيا ورها??جي چڪا آهن. مجموعي طور تي گذريل ڏينهن ٻوڏ متاثر 72155 خاندانن قائم مختلف ڪيمپن مان روڪ رقم حاصل ڪئي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام هيڊ ڪوارٽر ۾ هڪ ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي ته جيئن ادائگين ۾ شفافيت کي يقيني بڻائي سگهجي.