اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام حيدر عليوف سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ آذربائيجان پاران پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ فراخدلاڻي امداد تي سندس ٿورا مڃيا. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب آذربائيجان پاران 2 ملين ڊالر جي امداد جو ذڪر ڪندي ??زي??اعظم چيو ته پاڪستان چوماسي دوران معمول کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ برساتن جي ڪري شديد ترين ٻوڏ جي لپيٽ ۾ آهي، جنهن جي نتيجي ۾ وڏي پئماني تي جاني نقصان سان گڏوگڏ ماڻهن جي ذرائع معاش ۽ انفراسٽرڪچر کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي. ان جي نتيجي ۾ متاثر ماڻهن کي امداد جي فراهمي ۽ انهن کي محفوظ جاين تي منتقل ڪرڻ جون ڪارروايون تمام محدود رهيون آهن. ??زي??اعظم توانائي سميت مختلف شعبن ۾ آذربائيجان سان پاڪستان جي تعاون کي وڌيڪ گهرو ۽ وسيع ڪرڻ جي پنهنجي پڪي عزم کي ورجايو. پاڪستان ۽ آذربائيجان گڏيل قومن، او آءِ سي ۽ اي سي او جهڙن عالمي فورمن تي هڪ ٻئي جي حمايت ڪن ٿا. آذربائيجان او آءِ سي جي ڄمون ڪشمير بابت رابطا گ??وپ جو هڪ اهم ميمبر اهي. ٻنهي ملڪن جي عوام ديني ۽ ثق??فت?? وابستگي ۽ گهري تاريخي رشتن ۾ ٻڌل آهي.