اسلام آباد -05 سيپٽمبر (اي پي پي) صحت و??ري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو آهي، ته ٻوڏ متاثرن کي طبي سهولتن جي فراهمي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا پيا وڃن، بلوچستان ۽ سنڌ ۾ هيلٿ ڪ??مپس قائم ڪيا ويا آهن. صحت و??ري وزارت طرفان جاري بيان ۾ هن چيو ته ٻوڏ جي هنگامي صورتحال ۾ هيلٿ ڪ??مپن مان ماڻهن کي رليف ??لن??و. هن چيو ته لسٻيلا سميت بلوچستان ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ هيلٿ ڪ??مپون ڪم شروع ڪري چڪيون آهن. هن چيو ته سنڌ جي 7 ضلعن قمبر شهدادڪوٽ، دادو، نوشهرو فيروز، سانگهڙ، مٽياري ۽ بدين ۾ پڻ هيلٿ ڪ??مپ لڳايا ويا آهن. هن چيو ته هيلٿ ڪ??مپن ۾ دوائن سميت فري صحت سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته ٻوڏ متاثرن کي طبي سهولتن جي فراهمي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا پيا وڃن. وفاقي وزير چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ جي نتيجي ۾ وڏي تباهي ٿي آهي، اسان ڏک ۽ مصيبت جي هن گهڙي ۾ عوام سان گڏ آهيون.