اسلام آباد– 31 –; آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪا پاران پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امداد جي اعلان تي ٿورو ادا ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراع??م چيو آهي ته آئُون آمريڪي حڪومت پاران کان پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثر ماڻهن جي لاءِ انساني امداد جي اعلان تي آمريڪي حڪومت جو ٿورائتو آهيان. هي هڪ وڏو سانحو آهي، جنهن ۾ لکين ماڻهو متاثر ٿيا آهن. هن چيو ته هن وقت اسان کي سڄي ??نيا مان پنهنجي دوستن پاران انهن ڏکي ماڻهن جي مدد جي ضرورت آهي.