بيجنگ – 22 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چين جي اسٽيٽ قونصلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي سان گڏ پ??ڪس??ان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جا 71 سال مڪمل ٿيڻ جي خوشي ۾ ??يڪ ڪاٽيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چين جي اسٽيٽ قونصلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي جي دعوت تي چين جي ٻن ڏينهن جي دوري تي آهي ۽ هو ڏکڻ چين جي شهر گوانگ زو ۾ آهي جيڪو چ??ن جي صوبي گوانگ ڊونگ جو سڀ کان وڏو شهر ۽ گادي وارو شهر پڻ آهي. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان زاولي جيان پنهنجي هڪ ٽو??يٽ ۾ پ??ڪس??ان ۽ چين کي پنهنجي سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 71 هين سالگرهه تي مبارڪباد پڻ ڏني. چين ۾ پ??ڪس??ان جي سفير معين الحق پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جي 71 هين سالگرهه جي موقعي تي اسان ان ڳالهه کي ورجايون ٿا ته اسان پنهنجي مضبوط دوستي کي وڌيڪ مضبوط ڪنداسين، اسٽريٽجڪ رابطن کي مضبوط ڪنداسين، ماحولياتي رابطن کي مستحڪم بڻائيندي عوام سان عوام جي وچ ۾ رابطن ۽ مٽاسٽا کي فروغ ڏنو ويندو ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃبو. پ??ڪس??ان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 71 هين سالگرهه جي موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري به 21 مئي کان چين جي ٻن ڏينهن جي دوري تي آهي. 21 مئي 1951ع تي پ??ڪس??ان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيا. پ??ڪس??ان چين کي تسليم ڪندڙ شروعاتي ملڪن مان هڪ ۽ چين سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪندڙ پهريون اسلامي ملڪ آهي.