اسلام آباد – 26 211; اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان مسلم ??يگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبر شزه فاطمه خواجه ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ سماجي ڀلائي ۽ ترقي کي يقيني بڻائن ل??ءِ سمورين سياسي پارٽين سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي به ??تف??ق ڪيو ويو.