اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي هولي جي ڏڻ تي هندو ب??ادري کي مبارڪباد ڏني آهي، سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين هولي جي م??قعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته رنگن ۽ محبت جي ان ڏينهن جو مقصد نفرتن ۽ برائي جو خاتمو آهي، انسانن جي خلاف نفرت، تعصب ۽ ظلم ڪندڙن جي لاءِ اڄ پيغام جو ڏينهن آهي ته هو پنهنجو ڪردار ۽ س??چ بدلائين. هن چيو ته بهار جي آمد ۽ هولي جو ڏڻ خوشين جو سبب آهن، ان موقعي تي هندو ب??ادري لاءِ خير سگالي جو پيغام پڻ ڏنو.