اسلام آباد – 10 جنوري (اي پي ??ي) وزيراعظم عمران خان پ??رٽي اڳواڻن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي سڄي ملڪ ۾ پارٽي جي تنظيمي ڍانچي کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ موثر قدم کڻن ۽ بلدياتي چونڊن ۾ ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪارڪنن کي متحرڪ ڪن. وزيراعظم عمران خان سان منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري اسد عمر ملاقات ڪئي جنهن ۾ سڄي ملڪ ۾ پارٽي جي تنظيمي ڍانچي کي مضبوط ۽ فعال بڻائڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پي ٽ?? آءِ خيبرپختونخواهه جو صدر ۽ دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ، پي ٽ?? آءِ پنجاب جو صدر ۽ تعليم وارو وفاقي وزير شفقت محمود، پي ٽ?? آءِ ڏکڻ پنجاب جو صدر ۽ صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، پي ٽ?? آءِ سنڌ جو صدر ۽ سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي، پي ٽ?? آءِ بلوچستان جو صدر ۽ قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري ?? پي ٽ?? آءِ جو ايڊيشنل سيڪريٽري عامر محمود ڪياني پڻ موجود هئا. وزيراعظم سمورن پ??رٽي اڳواڻن کي هدايت ڪئي ته اهي سڄي ملڪ ۾ پارٽي جي تنظيمي ڍانچي کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ موثر قدم کڻن. هن مختلف صوبن، علائقن ۾ ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ ڪاميابي کي يقيني بنائڻ جي لاءِ ڪارڪنن کي موثر انداز ۾ متحرڪ ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.