ڪراچي – 29 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪراچي ۾ پائيدار ڪاروباري ترقي ۽ واڌويجهه جي لاءِ ٺوس منصوبابندي تي زور ڏيندي چيو آهي ته سڀ کان وڌيڪ روينيو ۽ ٽيڪس رکندڙ هن شهر جي بنيادي انفراسٽرڪچر ۾ بهتري جي ضرورت آهي، واپاري برادري چوٿين صنعتي انقلاب جا ثمر حاصل ڪرڻ جي لاءِ آءِ ٽي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز ۾ 17 هين مائي ڪراچي نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي حڪومت پاران تازو ئي افتتاح ڪيل گرين لائي?? منصوبي بابت ڳالهائيندي ص??ر چيو ته هي منصوبو هن شهر جي ماڻهن کي آرامده ۽ وقت جي بچت يرکندڙ سفري سهولت فراهم ڪندو. شهر ۾ پاڻي جي مسئلي جو ذڪر ڪندي ص??ر چيو ته ڪي فور منصوبي جو مقصد شهر جي روزاني پاڻي جي ضرورت کي پورو ڪرڻ آهي، اميد آهي ته ??هو 2023ع تائين مڪمل ٿي ويندو. ص??ر چيو ته سڄي ملڪ جي نوجوانن کي هنر تي ٻڌل تربيت فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين مقصدن مان هڪ آهي ته جيئن روزگار ۽ ڪاروباري صلاحيت کي وڌائي سگهجي. هن چيو ته حڪومت عورتن ۽ معذور ماڻهن جي لاءِ مالي ۽ قرض ??ون سهولتون معتارف ڪرايون ته جيئن ٺوس ترقي کي يقيني بڻائي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته تعميراتي شعبي کي سهولت فراهم ڪرڻ سان صنعت جي ترقي سان گڏوگڏ روزگار جا ڪيترائي موقعا پڻ پيدا ٿيندا. صدر ڪاروباري برادري تي زور ڏنو ته اها چوٿين صنعتي انقلاب جا ثمر حاصل ڪرڻ جي لاءِ آءِ ٽي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪري. صدر تاپي گئس پائيپ لائي?? منصوبي کي پاڪستان ۾ گئس جي وڌندڙ طلب کي پورو ڪرڻ جي لاءِ پڻ اهم قرار ڏنو. ان کان اڳ ڪي سي سي آءِ جي اڳوڻي صدر زبير موتي والا واپاري برادري کي مڪمل تعاون ۽ حمايت فراهم ڪرڻ تي صدر جا ٿورا مڃيا.