اسلام آباد – 11 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان آمريڪي سينيٽرن تي ٻڌل وفد ملاقات ڪئي آهي. چار رڪني وفد ۾ آمريڪي سينيٽرز انگس ڪنگ، رچرڊ بر، جان ڪارنائن ۽ بينجمن سيسي شامل هئا. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب آمريڪا جا چار ئي سينيٽرز آمريڪا جي سينيٽ جي انٽيليجنس ڪميٽي جا ميمبر آهن جڏهن ته ??ينيٽر انگس ڪنگ سينيٽ جي آرمڊ سروسز جو ميمبر پڻ آهي. آمريڪي سينيٽرز جي وفد جو استقبال ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان آمريڪا سان ڊگهي مدي وارا لاڳاپا رکي ٿو ۽ اقتصادي شعبي سميت ٻين شعبن ۾ پاڪ آمريڪا گڏيل لاڳاپن ۾ وڌيڪ اضافي جي لاءِ پرعزم آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ??مريڪي قانونسازن جي وفد جي دوري سان گڏيل اعتماد جي استحڪام ۾ مدد ملندي ۽ ان سان عوامي رابطن ۾ پڻ بهتري ايندي. وزيراعظم عمران خان ان عزم کي ورجايو ته ٻنهي ملڪن جي حصيداري خطي جي امن ۽ سلامتي ۽ استحڪام جي مفاد ۾ آهي. افغانستان جي تازي صورتحال جي ڏس ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا کي امن، سلامتي ۽ معاشي ترقي جا گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏيل رابطن ۾ اضافو ضروري آهي. هن افغان عوام جي فوري مدد جي ضرورت تي خاص زور ڏيندي چيو ته ??ن حوالي سان هر قسم جي ممڪن قدمن جي ضرورت آهي ته ??يئن ڪنهن انساني ۽ معاشي بحران کان بچي سگهجي. وزيراعظم عمران خان ويجهي حصيداري جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته ??طي ۾ دهشتگردي سميت سيڪيورٽي جي خدشن جي حوالي سان ويجهو تعاون ضروري آهي. غيرقانوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي حوالي سان هن چيو ته ??ر ايس ايس جي انتهاپسنداڻي ۽ انساني حقن جي مخالف سوچ تي ٻڌل بي جي پي جي قدمن سان خطي جي امن ۽ استحڪام کي سنگين خدشا درپيش آهن. هن زور ڏنو ته ??مريڪا خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پنهنجو ڪردار لازمي طور تي ادا ڪري. وزيراعظم عمران خان چيو ته ??يڪڏهن ڀارت سازگار ماحول جي فراهمي يقيني بڻائي ته پاڪستان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. عالمي سطح تي امن ۽ سلامتي جي فروغ لاءِ پاڪستان ۽ آمريڪا جي ڏهاڪن تي ٻڌل گڏيل جدوجهد جو حوالو ڏيندي سينيٽرن 15 آگسٽ کانپوءِ افغانستان مان آمريڪي ۽ ٻين غيرملڪي شهرين جي محفوظ انخلا جي حوالي سان پاڪستان جي تازي ڪردار کي ساراهيو. هنن پاڪستان ۽ آمريڪا جي گڏيل لاڳاپن ۾ استحڪام ۽ وسعت جي حوالي سان پنهنجي عزم کي پڻ ورجايو. پاڪستان جي آبادي ۽ جيو اسٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ جي ڏس ۾ آمريڪي سينيٽرن چيو ته ??مريڪا ۽ پاڪستان کي واپار، سيڙپڪاري ۽ معاشي تعاون جي فروغ لاءِ ڪوششن کي سگهه ڏيڻ گهرجي.