اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان پاڪس??ان تحريڪ انصاف ڊينمارڪ جي صدر چوڌ??ي عمران محبوب ملاقات ڪئي ۽ موجوده ملڪي ۽ سياسي صورتحال ۽ اهم پارٽي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ خاص طور تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي قومي معاملن ۾ دلچسپي ۽ ملڪ ۾ صاف ۽ شفاف نظام جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪي معاشي ترقي ۾ اوورسي?? پاڪستانين جو اهم ڪردار آهي، اڄ اسان جا سفارتخانا اوورسي?? پاڪستانين جي سهولت لاءِ انهن سان گڏ بيٺل آهن. هن چيو ته اسان سدائين اوورسي?? پاڪستانين جي مسئلن جي حل تي زور ڏنو آهي. هن چيو ته پاڪس??ان تحريڪ انصاف جي حڪومت اوورسي?? پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏي?? جي لاءِ پرعزم آهي. پي ٽي آءِ ڊينمارڪ جي صدر چوڌ??ي عمران محبوب چيو ته آمريڪا ۽ يورپ سميت اوورسي?? پاڪستانين ۾ وزيراعظم عمران خان مقبول ترين شخصيت آهي، ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ملڪي ترقي جي لاءِ پراميد آهن.