اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) وقتي صدر محمد صادق سنجراڻي محسن پاڪستان ۽ ائٽمي سائنسدان ڊاڪٽر ع??دالقدير خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ ميڊيا ونگ پاران جاري تعزيتي پيغام ۾ وقتي صدر ??يو ته مرحوم جي خدمتن کي سنهري لفظن ۾ لکيو ويندو ۽ ملڪي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ لاءِ مرحوم سائنسدان عبدالقدير جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. هن ??يو ته ڊاڪٽر ع??دالقدير خان جي خدمتن تي پوري قوم کي فخر آهي. ملڪ جي لاءِ ڊاڪٽر ع??دالقدير جي اڻٿڪ خدمتن کي سدائين ساراهيو ويندو. پوري قوم سندس لاڏاڻي تي ڏکويل آهي. وقتي صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغ??رت ۽ درجا بلند فرمائي ۽ ڏکويل خاندان کي اهو صدمو صبر ۽ حوصلي سان برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. هن ??يو ته مرحوم ائٽمي سائنسدان عبدالقدير جي جنازي نماز فيصل مسجد ۾ ادا ڪئي ويندي. جنازي نماز ۾ وقتي صدر محمد صادق سنجراڻي پڻ شرڪت ڪندو. سينيٽ جي دپٽي چيئرمين سينيٽر مرزا محمد آفريدي، سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم، مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر سيد يوسف رضا گيلاني پڻ ائٽمي سائنسدان عبدالقدير خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي پنهنجي جدا جدا تعزيتي پيغامن ۾ الله تعاليٰ کان مرحوم جي مغ??رت ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.