اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) افعانستان ۾ اشرف غني جي حڪوم?? جي خاتمي بعد افغانستان کي خوشحاليءَ جي راهه تي گامزن ٿيڻ لاءِ علائقائي واپار ۽ ترقياتي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي ضرورت پوندي. پاڪ- چين اقتصادي راهداري بيلٽ اينڊ روڊ ا??يش?? ايٽو وڌيڪ فعال راهدارين مان ??ڪ آهي، جنهن تحت پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جاري زراعت، صنعت ۽ سماجي اقتصادي خوشحالي جي منصوبن جي ٻئي مرحلي ۾ 60 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي. اخبار موجب بيلٽ اينڊ روڊ اني ايشٽو ڊگهي مُدي واري اقتصادي ۽ ڍانچي جي ترقي جي رٿا آهي جيڪا مختلف ملڪن ۽ عالمي ادارن کي پاڻ ۾ ملائي ٿي جنهن جو مقصد انساني?? جي گڏيل مستقبل سان گڏوگڏ هڪ برادريءَ جي تعمير ڪرڻ آهي. ان ۾ افغانستان ۾ اُتان جي برادريءَ جي نئين سر تعمير ۾ مدد ڏيندڙ سمورو مڪينزم موجود آهي. هوڏانهن طالبان ترجمان ۽ سياسي ڪميشن جي سربراهه افغان عوام جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ چين سان ڀائيواريءَ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي، جڏ??ن ته طالبان عالمي سيڙپڪاريءَ جي آجيان ڪري رهيا آهن ۽ عالمي ڪمپنين تي زور ڀري رهيا آهن ته اهي افغانستان ۾ پنهنجون ڪارروايون جاري رکن، جڏ??ن ته پنهنجي پاڙيسرين خاص طور تي چين ۽ پاڪستان کي يقين ڏياريو آهي ته اهي دهشتگردن کي افغان ڌرتي استعمال ڪرڻ نه ڏيندا، جيڪڏهن طالبان ??نهنجا وعدا پورا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿ?? وڃن ٿا ته پوءِ ان سان ??وري خطي ۾ خوشحالي ۽ ترقيءَ کي هٿي ملندي.