اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فو??د حسين چي?? آهي ته افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏيو و??ي، اسان کي افغانستان جي ماڻهن سان گڏ بيهڻو پوندو، دنيا جي گڏيل ڪوششن سان ئي اسان افغانستان ۾ استحڪام آڻي سگهون ٿا، جيڪو دنيا جي امن ۽ افغانستان ۾ انتظامي اسٽرڪچر جي لاءِ انتهائي ضروري آهي. اها ڳالهه هن ڪيوبا جي نيوز ايجنسي پرسيناليٽينا سان ڳالهائيندي چئي. چوڌري فو??د حسين چي?? ته اڄ نائن اليون، نيويارڪ ۾ ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي ٿيندڙ بدترين واقعي جي ورسيءَ جو ڏينهن آهي، افغانستان جي ڪهاڻي 20 سال پراڻي نه آهي پر اها 40 سال پراڻي آهي، 1979ع ۾ جڏهن يو ايس ايس آر ڪابل تي حملي جو فيصلو ڪيو ته هن خطي ۾ هڪ تڪرار جنم ورتو، 1988ع ۾ جنگ ختم ٿي ته اولهه کي افغانستان جي مدد ڪرڻ گهرجي ها پر ائين نه ٿيو ۽ پاڪستان کي ان سڄي معاملي ۾ اڪيلو ڇڏيو ويو. هن چي?? ته پنهنجي ڪمزور معيشت جي باوجود اسان اٽڪل 5 ملين افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي جڏهن ته پاڪستان جي مدد ڪرڻ بدران پريسلر ترميم ذريعي پاڪستان تي معاشي پابنديون هنيون ويون، ان دور ۾ اسان افغانستان جي هر ممڪن مدد ڪئي. چوڌري فو??د حسين چي?? ته رڳو پاڪستان، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات افغانستان جي مدد ڪئي پر بدقسمتي سان دنيا افغانستان جي ماڻهن کي اڪيلو ڇڏي ڏنو جيڪو تباهي جو سبب بڻيو ۽ افغانستان دهشتگرد تنظيمن جو ڳڙهه بڻجي ويو. هن چي?? ته نائن اليون واقعي کانپوءِ آمريڪا افغانستان ۾ فو??ي آپريشن شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پاڪستان دنيا سان گڏ بيٺل رهي??، اها جنگ هڪ ڀيرو ٻيهر افغانستان جي ماڻهن جي لاءِ تباهي جو سبب بڻي. هن چي?? ته 2007ع، 2015ع ۽ 2019ع ۾ اسان بار بار چي?? ته افغانستان ۾ فو??ي حل بدران سياسي حل طرف وڃڻ گهرجي، بدقستمي سان پاڪستان کي نظرانداز ڪيو ويو ۽ ان جو آواز نه ٻڌو ويو ۽ هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر مشورو آهي ته افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏيو و??ي، سڄي دنيا جي انتهاپسند تنظيمن کي افغانستان ۾ پناهه وٺڻ جي اجازت نه هجي، ان جي لاءِ اسان کي افغانستان سان گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چي?? ته اسان کي افغانستان جي ماڻهن سان گڏ بيهڻو پوند??، افغانستان ۾ بهادر مردن ۽ عورتن ڊگهي عرصي تائين قربانيون ڏنيون هاڻي وقت اچي ويو آهي ته دنيا کي انسانيت سان گڏ بيهڻ گهرجي. هن اميد ظاهر ڪئي ته افغانستان جي موجوده صورتحال افغانستان ۾ استحڪام جو هڪ موقعو آهي، اسان ڪابل ۾ ڦاٿل پرڏيهي شهرين کي ڪابل مان ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿياسين، پي آءِ اي سوين ماڻهن کي انخلا ۾ مدد فراهم ڪئي، اسان انٽرنيشنل ميڊيا کي نه رڳو ڪابل مان ڪڍيو پر افغانستان ۾ ڪوريج جي لاءِ سفر جي سهولت پڻ ڏني، اسان جي پاليسي آهي ته اسان افغانستان ۾ اٿارٽيز سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان افغانستان جي ماڻهن کي اڪيلو نه ٿا ڇڏڻ چاهيون. هن چي?? ته دنيا جي گڏيل ڪوششن سان اسان افغانستان ۾ استحڪام آڻي سگهون ٿا، جيڪو دنيا جي امن ۽ افغانستان ۾ انتظامي اسٽرڪچر جي لاءِ انتهائي ضروري آهي.