اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته واپاري برادري کي م??تلف مراعتون ۽ سهولتون فراهم ڪري ملڪ جي ڪاروباري م??حول کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ملڪ جي م??يشت صحيح رخ ۾ گامزن آهي جيڪا حڪومت جي م??اشي پاليسين تي ڪاروباري برادري جي اعتماد جي عڪاس آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هري پور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ايڇ سي سي آءِ) جي هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن چيمبر جي صدر شه??از مجيد شيخ جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي شه??از مجيد شيخ صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي چيمبر پاران ملڪ جي م??اشي ترقي ۾ هري پور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي ڪردار کان آگاهه ڪيو. وفد صدر کي ايڇ سي سي آءِ کي درپيش ڪجهه مسئلن کان پڻ آگاهه ڪيو. وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته ڪاروباري برادري ملڪ جي م??اشي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ خاص طور تي ڪوويڊ 19 جي دوران انهن جي سهولت لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت سخت مالي م??ڪلاتن جي باوجود واپاري برادري ۽ معاشري جي پيڙهيل طبقن کي وبا ??ي منفي اثرن کان بچائڻ جي لاءِ 1.2 ٽريلين رپين جو مالياتي پئڪيج فراهم ڪيو آهي. صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ملڪي روانگي واپار ۾ پڻ نمايان اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي جيڪو گذريل مالي سال دوران 25.3 بلين ڊالر تائين پهچي ويو هو. هن ملڪ جي م??اشي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ايف بي آر پاران 850 ارب رپين جي اوڳاڙين جي هدف کان 160 ارب جي وڌيڪ وصولي بهتر ملڪي م??يشت ??و ثبوت آهي. هن چيو ته حڪومت وڌ کان وڌ ڪاروباري م??حول کي سازگار بڻائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ ان جي ڪوششن جي ڪري ڪاروبار ۾ آساني جي انڊيڪس ۾ پاڪستان جو درجو 136 هين مان 108 هين نمبر تي اچي ويو آهي. صدر قومي ترقي ۾ هري پور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۽ ڪاروباري برادري جي ڪردار کي پڻ ساراهيو ۽ ان جي م??ئلن جي حل لاءِ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي.