اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگ??ام کي پيپلزپارٽي ڪرپشن جي لاءِ است??ما?? ڪيو، انهي ڪري بينظير انڪم سپورٽ پروگ??ام ڪرپشن جي علامت بڻيو، پيپلزپارٽي جي حڪومتي دور ۾ 8 لک 50 هزار غير مستحق ماڻهن کي شامل ڪيو، موجوده حڪومت ٽيڪنالاجي جي ذريعي جانچ پڙتال کانپوءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگ??ام جي فهرست مان 0.85 ملين غير مستحق ماڻهن کي ڪڍيو، ان ۾ گريڊ 17 کان 21 جا آفيسر به شامل هئا. مملڪتي وزير فرخ حبيب ب??اول زرداري جي بيان تي رد عمل ۾ چيو ته بلاول صاحب، جيڪڏهن ڪوڙ ڳالهائي ڳالهائي ٿڪجي وڃو ته هڪ منٽ جي لاءِ سچ ٻڌي وٺو، بينظير انڪم سپورٽ پروگ??ام جو نالو اهو آهي، ان ۾ ڪا به تبد??لي ناهي ڪئي وئي.