اسلام آباد – 28 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته عوام ڪڏهن به ڪرپشن بچائڻ يا ذاتي مفادن جي لاءِ ٻاهر ناهي نڪرندي، پي ڊي ايم جي تحريڪ کي پذيرائي نه ملي سگهي، وزيراعظم عمران خان مخالف ڌر جي دٻاءُ ۾ نه آيو ۽ نه ئي ايندو، ڪرپشن جي خلاف سفر جاري رهندو، وزيراعظم يا ڪابينا جي ڪنهن ميمبر اڃا تائين ڪورونا بچاءُ ويڪسين ناهي لڳرائي، پارليامينٽ جو پنهنجو وقار آهي، هتي چونڊيل عوامي نمائندا اچن ٿا، غيرچونڊيل ماڻهو اچي سياسي طور تي پارليامينٽ جو استعمال ڪرڻ غلط آهي، مخالف ڌر حڪومت مخالفت ۾ صحافين ۽ ميڊيا ??رڪرز جي تحفظ جي بل جي مخالفت ڪئي، ان جي مذمت ڪريون ٿا، ميڊيا ??ائوسز کي اشتهارن جي مد ۾ ڪافي حد تائين ادائيگيون ڪري ڇڏيون آهن، ايندڙ هفتي وڌيڪ 5 ڪروڙ ادا ڪرڻ وڃي رهي?? آهيون، ميڊيا ??الڪن ک?? اپيل آهي ته اهي ڪنهن به حالت ۾ صحافين ۽ ميڊيا ??رڪرز جون پگهارون دير سان ادا نه ڪن، وزيراعظم کي تجويز ڏني آهي ته صحافين ۽ ميڊيا ??رڪرز کي به صحت ڪارڊ ڏنو وڃي. هو نيشنل پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس پروگرام ۾ ڳالهائي رهيو هو.