اسلام آباد – 15 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ميڪسيڪو سان پنهنجي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ چ??هي ٿو، حڪومت سمورن ملڪن سان واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. اه??ن خيالن جو اظهار ميڪسيڪو ۾ پاڪستان جي نامزد سفير ڊاڪٽر امان رشيد سان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدرعارف علوي چيو ته نامزد سفير ميڪسيڪو سان واپار، سيڙپڪاري، ثقافت، سياحت ۽ تعليم سميت مخ??لف شعبن ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ??وش??ون ڪري، پاڪستان ميڪسيڪو سان پنهنجي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ چ??هي ٿو، هن چيو ته حڪومت سمورن ملڪن سان واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي، ميڪسيڪو سان گڏيل واپار جي ڪاٿي ۾ اضافي جي ضرورت آهي.