اسلام آباد – 31 – ڊسمبر (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبرن جي استعيفائن جي حوالي سان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر رولنگ ڏئ?? ڇڏي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته استعيفائن جي تصديق نه ٿي سگهي ان لاءِ وڌيڪ ڪارروائي جي ضر??رت نه آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي جي ميمبرن مرتضيٰ جاويد عباسي ۽ ڊاڪٽر محمد سجاد اعواڻ جي استعيفائن جي معام??ي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پنهنجي رول??گ ۾ چيو آهي ته ٻنهي ميمبرن استعيفائن جي تصديق ناهي ڪئي ۽ ميمبرن پنهنجي استعيفائن کي جعلي قرار ڏنو آهي، مليل استعيفا لاڳاپيل ميمبرن جون ثابت نه ٿي سگهيون، استعيفائن تي ڪارروائي قانون، قاعدي، گائيڊ ۽ لائنز ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ عملي ۾ آندي وئي.