اسلام آباد – 17 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 2 هزار 50 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 33 ماڻهو ان وائر?? سبب فوت ٿيا جنهن مان 30 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 3 م??يض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 29 هزار 378 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 11 هزار 596، پنجاب ۾ 12 هزار 32، خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 831، اسلام آباد ۾ هڪ هزار 917، بلوچستان ۾ 356 ، گلگت بلتستان ۾ 302، آزاد ڪشمير ۾ 344 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 24 هزار 834 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به م??يض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 859 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جا 218 م??يض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائر?? سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 61 هزار 82 آهي.