اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي نامياري ترقي پسند شاعر احمد فر??ز جي اڄ 12 هين ورسي ملهائي ويندي، احمد فر??ز جو پورو نالو سيد احمد شاهه علي هو، احمد فر??ز 12 جنوري 1931ع تي ڪوهاٽ ۾ جنم ورتو ۽ 25 آگسٽ 2008ع تي اسلام آباد ?? لاڏاڻو ڪيو، احمد فر??ز جو پاڪستان جي ترقي پسند شاعرن ۾ وڏو نالو آهي?? سندس 12 هين ورسي جي موقعي تي اڄ اڪيڊمي اد??بات پاڪستان پاران رٿيل پروگرام ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فر??ز اد??بن سان گڏجي احمد فر??ز جي قبر تي فاتحه خواني ڪري گلن جي چادر چاڙهيندو ۽ اڪيڊمي ۾ دعائيه تقريب ۾ شريڪ ٿيندو. اڪيڊمي اد??بات پاڪستان جي پهرئين سربراهه ۽ پاڪستان جي شهر آفاق شاعر احمد فر??ز جي 12 هين ورسي جي موقعي تي اڪيڊمي اد??بات پاڪستان جي اهتمام هيٺ اڄ اڱاري ڏينهن 10 وڳي اڪيڊمي اد??بات پاڪستان جي چيئرمين ڊاڪٽر يوسف خشڪ جي قيادت ۾ اڪيڊمي جي آفيسرن ۽ عملي ۽ ليکڪن سان گڏ ايڇ 8 قبرستان ۾ پنهنجي والد احمد فر??ز جي قبر تي گلن جي چادر چاڙهيندو ۽ فاتحه خواني ڪندو، ان کانپوءِ اڪيڊمي اد??بات پاڪستان جي ڪانفرنس هال ۾ احمد فر??ز جي لاءِ مختصر دعائيه ويهڪ منعقد ٿيندي جنهن ۾ ليکڪ ۽ ٻيا شرڪت ڪندا.