ڪراچي – 13 آگسٽ (اي پي پي) ڪستان تحري?? انصاف جي مرڪزي نائب صدر ۽ سنڌ اسمبلي ۾ پارلياماني ليڊر حليم عادل شيخ سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آئي ايم پي ايز سان گڏ اهم پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڪراچي سنڌ آهي ۽ سنڌ ڪراچي آهي. ڪراچي کي ڪير به سنڌ کان جدا ڪرڻ جو سوچي به نٿو سگهي. ڪراچي سنڌ جي راجڌاني جو شهر آهي. هن الزام هڻندي چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي کي ٻنهي هٿن سان لٽيو آهي. ڪراچي جي ع??ام کي نه پاڻي ملي ٿو نه روڊ آهن نه سرڪاري بسون هلايو ويون آهن. ڪي پي ڪي حڪومت پشاور ۾ بي آر ٽي ج?? 27 ??لوميٽرن جو منصوبو ٻن سالن ۾ مڪمل ڪري ع??ام کي سهولتون ڏنيون آهن اڄ وزير اعظم افتتاح ڪيو آهي اسان چاهيون ٿا ڪراچي کان حيدرآباد، سکر تائين بي آر ٽي جهڙا منصوبا آندا وڃن ته ج??ئن کين سفر جون بهتر سهولتون ميسر ٿي سگهن. ڪراچي جو ع??ام اڄ به ٽٽل بسن جي ڇتن تي سفر ڪرڻ تي مجبور آهي . اورينج لائن جو 03 ڪلوميٽر جو منصوبو ڪروڙين روپيا خرچ ڪرڻ باوجود اڃا تائين مڪمل ناهي ٿيو. فنڊ سمورا هڙپ ڪيا ويا آهن. سپريم ڪورٽ به چئي ڇڏيو آهي ته سنڌ ۾ ڪرپٽ حڪومت آهي سنڌ جي ع??ام کي بنيادي سهولتن کان محروم رکيو ويو آهي.