اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ (اڳوڻي ??اٽا) ضم ٿيل علائقن ۾ ترقي جي حوالي سان اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس منعقد ٿيو، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان موجب اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، ناڻي ??اري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل ۽ سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ خيبرپختونخ?راز/122166.html">?ا جي وڏي وزير ??حم??د خان، خيبرپختونخ?راز/122166.html">?ا جي ناڻي ??اري وزير تيمور سيلم جهڳڙا، پنجاب جي ناڻي ??اري وزير هاشم جوان بخت وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي، اجلاس کانپوءِ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ اجلاس ۾ اڳوڻي ??اٽا جي علائقن ۾ ترقياتي منصوبن جو جائزو ورتو ويو ۽ وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته فاٽا جي عوام سندس دل جي ويجهو آهي ۽ فاٽا جي جلد کان جلد ترقي چاهيون ٿا، ان ڏس ۾ 2018ع جي معاهدي تحت وفاق جو حصو طئي ٿيو هو اهو حڪومت جاري ڪري ڇڏيو آهي ۽ جيڪو باقي لوازمات آهن ان لاءِ ناڻي ??اري صلاحڪار جي ماتحت ڪميٽي جوڙي آهي جيڪا باقي صوبن سان ڪوآرڊينيٽ ڪري انهن فنڊن جي دستيابي کي يقيني بڻائيندي جنهن سان فاٽا جي ترقياتي منصوبا شروع ٿي سگهندا ۽ فاٽا جي عوام جنهن دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ڪيتريون ئي قربانيون ڏنيون آهن ۽ سدائين ان لاءِ قربانيون ڏيندا رهندا آهن اسان ان جو اعتراف ڪريون ٿا، وزيراعظم فاٽا جي علائقن جي ترقي ۾ گهڻي دلچسپي وٺي رهيو آهي ۽ انشاءُ الله ايندڙ مالي سال ۾ سمورا ترقياتي منصوبا شروع ڪيا ويندا.