اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات واري خاص معاون ۽ سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين عا??م سليم باجوه چيو آهي ته پاڪ چين ا??تصادي لنگهه (سي پيڪ) منصوبن سان معاشي ترقي جي نئين دور جي شروعات ٿيندي، پراجيڪٽس پاڪستاني عوام کي ترقي جا موقعا فراهم ڪندا، چين جي 6 ڪمپنين سان پاڪستان جا وڌيڪ معاه??ا طئي ٿيا آهن، ايڇ ايم سي ۾ نئين سيڙپڪاري ڪئي پئي وڃي، معاهدي سان صنعتن کي فروغ ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هيوي مڪينيڪل ڪمپليڪس ٽيڪسلا ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.