اسلام آباد – 11 مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سمورين صوبائي حڪومتن جي مرضي کانپوءِ ئي لاڪ ڊائون نرم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اسان پنهنجي ذميوارين ک??ن پوري طرح آگاهه آهيون، جيڪڏهن لاڪ ڊائون نرم ڪرڻ جو فيصلو نه ??ري??ن هاته 71 ملين وڌيڪ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ هليا وڃن ها، ڪورونا جي وبا اسان ک??ن گهُر ڪري ٿي ته اسان ڪنهن جي پڳڙي نه اڇاليون ۽ رڳو پاڪ??تا?? ڪارڊ کيڏون ڇو ته هن صورتحال ۾ صوبائي ڪارڊز کيڏڻ جي ڪا گنجائش نه آهي. قومي اس??مبلي ۾ ڪورونا وبا جي حوالي سان پاليسي بيان ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪ??تا?? جي سياسي قيادت متفقه فيصلو ڪيو آهي ته پارليامينٽ کي اڳتي وڌندي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. پارليامينٽ جي اهميت کان ڪير به انڪار نه ٿو ڪري سگهي، حڪوم?? ان جو احترام ڪندي اجلاس هڪ نقاطي ايجنڊا تي طلب ڪيو ته جيئن ميمبر پنهنجي راءِ ڏئي سگهن.