اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته حفاظتي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي حوالي سان موثر عوامي آگاهي مهم کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پارا?? جاري بيان موجب اها هدايت هن اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فرد??س عاشق اعواڻ سان ملاقات دوران ڪئي. ڊاڪٽر فرد??س عاشق اعواڻ اطلاعات واري وزارت پاران ڪورونا وائرس جي حوالي سان عوامي آگاهي مهم خاص طور تي رمضان مهيني ۾ حفاظتي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي حوالي سان عوام کي ترغيب ڏيڻ جي حوالي سان جوڙيل حڪمت عملي تي ??زيراعظم کي بريفنگ ڏني.