لاهور – 08 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ته حڪومت، ادارا ۽ عوام گڏجي جهڙي طرح ڪرونا وائرس ۽ ان سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي ڪو??ش ڪري رهيا آهن ان جي نتيجي ۾ اسان مشڪل مان نڪرڻ ۾ ڪ??مي??ب ٿي وينداسين، قومون اهڙي قسم جي صورتحال مان سکنديون آهن، جيڪا وبا آئي ڪو به ملڪ ان جي مقابلي لاءِ تيار نه هو، صحت جي شعبي، عملي عملي، پوليس، فوج، رينجرس ۽ عالم سڳورن سميت سمورن جون ان ڏس ۾ ڪو??شون ساراهه جوڳيون آهن. يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز لاهور ۾ ٽيل?? ميڊيسن سروس جي افتتاح جي موقعي تي ڳالهائيندي صدر تحقيق جي شعبي ۾ يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز جي نجي شعبي سان حصيداري کي ساراهيو.