اسلام آباد – 13 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وا??رس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آه??. جمعي ڏينهن اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 2 هزار 304 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 37 ماڻهو ان وا??رس سبب فوت ٿيا جنهن ??ان 32 متاثر مريض اسپتالن ۾ ۽ 5 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وا??رس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 36 هزار 923 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن ??ان سنڌ ۾ 12 هزار 599، ??نجاب ۾ 12 هزار 38، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 487، اسلام آباد ۾ 7 هزار 187 ، بلوچستان ۾ 746 ، گلگت بلتستان ۾ 329، آزاد ڪشمير ۾ 537 ٽيسٽ شامل آه??. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 ??ان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 21 هزار 563 ٿي چڪو آه??، بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آه??، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 859 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جا 195 مريض آه??. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 23 هزار 641 آه??. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وا??رس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 52 هزار 296 آه??.